چيني وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ روسي وزيراعظم ميخائل مشهوسٽن ايندڙ هفتي پاڪستان ايندا

اسلام آباد: چيني وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ روسي وزيراعظم ميخائل مشهوسٽن ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا.

شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، ايندڙ هفتي ٻن وڏين جوهري ۽ ويٽو طاقتن جا وزيراعظم پاڪستان ايندا.

سفارتي ذريعن موجب چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 14 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو، ان سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به ايندو، هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

اهو ڪنهن به چيني وزيراعظم طرفان 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو هوندو، دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترائي معاهدا ٿيڻ جو به امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته روسي فيڊريشن جو وزيراعظم به 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچڻ جو امڪان آهي، هو شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ميخائل مشهوسٽن اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهچندو.

PrIme Minister of china and russia will come to pakistan