سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 858 ماڻهو فوت

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 858 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 94 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 4 لک 4 هزار 557 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد 70 لک 63 هزار کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 353 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 12 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 20 لک 5 هزار کان وڌيڪ آهي. ڪورونا وائرس وگهي برازيل ۾وڌڪ 121 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 36 هزار 78 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 6 لک 78 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 53 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 33 هزار 899 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 34 هزارکان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾13، ايران ۾72، ڀارت ۾261، ڪئنيڊا ۾27 ۽ ميڪسيڪو ۾341 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 4 لک 4 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 34 لک 50 هزار ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.