مخالف پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج ڪرڻ جا ناڪاري اثر پوندا: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج ڪرڻ جا ناڪاري اثر پوندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي اچڻ سان اسان جي معيشت  ۾ بهتري ايندي. هتان کان ملائيشيا گوشت ايڪسپورٽ ڪيو ويندو، اهڙي طرح چانورن جي به ايڪسپورٽ وڌائي ويندي.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي معاملن کي هٿي ڏني ويندي، شروعاتي طور تي هڪ لک ٽن چانور ۽ 200 ملين ڊالر جو گوشت پاڪستان کان ملائيشيا ايڪسپورٽ ڪيو ويندو.

اطلاعات واري وزير چيو ته ٻاهرين وفدن جو پاڪستان اچڻ، واپار کي هٿي ڏيڻ جا اعلان ملڪ جي لاءِ بهتر ثابت ٿي رهيا آهن. سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد جو به جلد اچڻ جو امڪان آهي. شنگهائي ڪانفرنس پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيڻ واري آهي جنهن ۾ 12 ملڪن جا سربراهه پاڪستان ايندا.

هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ ٽيڪس فائلرز ٻيڻا ٿي ويا آهن، انهي اضافي سان ٽيڪس ڪليڪشن وڌيڪ ٿيندي. ايندڙ ڏينهن ۾ فائلرز جو وڌيڪ انگ وڌندو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به روزاني رڪارڊ بڻجي رهيو آهي، مهانگائي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، وياج جي شرح به هيٺ اچي وئي آهي، پيٽرول گهٽ ٿيو آهي، ايڪسپورٽ 14 سيڪڙو وڌي وئي، واپاري خسارو گهٽ ٿيو اهي، اهو سڀ ڪجهه معاشي بهتري جا اشارا آهن.

هن چيو ته سي پيڪ جي شروعات تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ڌرڻو هنيو، ايس سي او منعقد ڪرڻ  پاڪستان جي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. اهڙي موقعي تي احتجاج ڪرڻ منفي پيغام آهي، اسان کي پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ دنيا کي ڏيکارڻي آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته احتجاج ڪندڙ پارليامينٽ جي فلور تي احتجاج ڪن، روڊن تي احتجاج  جا ناڪاري اثر پوندا، ملڪ ۽ معاشي ترقي جي تعريف ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور کي مشورو ڏيان ٿو ته هو پشاور وڃي ۽ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽ ڪرائي.

Opponents should protest on the floor of Parliament