آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجا فوجي اثاثا وڌيڪ وڌائي ڇڏيا

واشنگٽن : وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪا خطي ۾ پنهنجا فوجي اثاثا وڌائي ڇڏيا آهن.آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪا وچ اوڀر ۾ جيڪي فوجي اثاثا وڌيا آهن انهن ۾ جديد فوجي جهاز ۽ ڊرون شامل آهن.آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته فلسطين ۽ ان جي حمايت ڪندڙ تنظيمن جي سخت نگراني ڪئي ويندي ۽ اسرائيل تي ڪنهن به حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪي هوائي فوج جي ايف 16، ايف 15 اي ۽ اي 10 جنگي جهازن جي تعداد ۾ واڌ جو منصوبو آهي جنهن جي فوري طور تي آمريڪي بچاءَ واري کاتي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.آمريڪي اخبار وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسرائيل کي ميزائل ۽ ڊرون حملن کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي.وال اسٽريٽ جرنل جو چوڻ آهي ته آمريڪي جهازن اپريل ۾ ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.