ڪارساز حادثي ڪيس: مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ به ضمانت منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائڪ موقف اختيار ڪيو ته نتاشا جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست منظور ٿي چڪي آهي، هن ڪيس ۾ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي

سرڪاري وڪيل چيو ته جڏهن جوابدار نتاشا گاڏي هلائي رهي هئي ته هوءَ نشي جي حالت ۾ هئي.

وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ به شڪ آهي، ڇو ته رت ۾ ميٿا فيٽا مائن موجود ناهي پر يورين ۾ موجود هئي.

عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته يورين ۾ ميٿا فيٽا مائن جو ڪيترو مقدار موجود هو، سرڪاري وڪيل چيو ته مقدار بابت ميڊيڪل رپورٽ ۾ مينشن ناهي ڪيو ويو.

وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي ته هن ڪيس ۾ متاثر طرفان جوابدار نتاشا سان ٺاهه ٿي ويو آهي.

عدالت چيو ته جوابدار نتاشا ٽن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ گذريل ڏيڍ مهيني کان جيل ۾ آهي.

عدالت نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.