ڪي اليڪٽرڪ پاران ٽيڪس اوڳاڙي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾بجلي جي بلن ۾ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ رڳو ڊسٽريبيوشن جو لائسنس آهي، ڪي اليڪٽرڪ ٽيڪس وصولي نٿي ڪري سگهي، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايم يو سي ٽي چارجز لاڳو ڪرڻ سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊينسن جي ڀڃڪڙِ آهي، جنهن تي جسٽس امجد سهتو پڇاڻو ڪيو ته هڪ سسٽم موجود آهي، ادارا بغير ٽيڪس جي ڪيئن هلندا، 30 سالن کان پي ٽي وي جا پيسا وصول ڪيا پيا وڃن، جنهن کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست گذار جي وڪيل کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 9 آڪٽومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.