پاڪ فوج جو اعزازي ڪيپٽن بڻجڻ فخر جوڳو لمحو هو: باڪسر عامر خان

لنڊن: پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پاڪ فوج جي اعزازي ڪيپٽن بڻجڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ باڪسر عامر خان چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ راندين جي دنيا سان واسطو رکندڙ پهريون پاڪستاني آهيان جنهن کي اِهو اعزاز مليو آهي.

ٻئي پاسي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي تقريب ۾ ورتل تصويرون شيئر ڪندي باڪسر عامر خان لکيو ته لنڊن ۾ يوم دفاع ۽ شهداءِ پاڪستان جي تقريب ۾ شرڪت جو اعزاز حاصل ٿيو.

عامر خان چيو ته پاڪ فوج جو اعزازي ڪيپٽن بڻجڻ فخر جوڳو لمحو هو، ان کانسواءِ هن ڪرنل تيمور ۽ ڊاڪٽر محمد فيصل جا ٿورا پڻ مڃيا.

ياد رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ پاڪ فوج عامر خان کي باڪسنگ جي ميدان ۾ ڪاميابين جي اعتراف تي کي هڪ ڏينهن لاءِ اعزازي ڪيپٽن جي رينڪ لڳائي وئي هئي.