سي ٽي ڊي جو لاهور ۾ آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

لاهور : لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي دوران ڪارروائي 2 دهشتگرد مارجي ويا.
لاهور ۾ ڊيرا غازي خان روڊ تي سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻئي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگرد فرار ٿي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻي تان بم ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

CTD operation in Lahore