سينيئر اداڪاره شگفته اعجاز جو مڙس لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا شگفته اعجاز جو مڙس يحيٰ صديقي ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو.پنهنجي مڙس جي موت جي خبر اداڪارا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام ذريعي ڏني.شگفته اعجاز پنهنجي مڙس جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته خميس ڏينهن سندس مڙس پنھنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو