آفريقا ۾ ڏڪار: گينڊا، هاٿي ۽ زيبرا ڪهي گوشت عوام ۾ ورهائڻ جو اعلان

ڪراچي: آفريقي ملڪ نميبيا ۾ هن صدي جي بدترين ڏڪار سبب حڪومت گينڊا، هاٿي ۽ زيبرا سميت 700 کان وڌيڪ جهنگلي جانورن کي ماري گوشت عوام ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڏکڻ آفريڪا کان 1990 ۾ آزادي حاصل ڪندڙ هن ملڪ جي ايراضي سوا 8 لک هم چورس ڪلوميٽر آهي پر آبادي تمام ڇڊي اٿس، جيڪا 30 لک جي لڳ ڀڳ آهي. سياحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ 100 سالن جي تاريخ ۾ بدترين ڏڪار جو شڪار آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته ڏڪار کي نظر ۾ رکندي 700 کان وڌيڪ جهنگلي جانورن کي ڪهي انهن جو گوشت متاثر ماڻهن ۾ ورهايو ويندو. انهن جهنگلي جانورن ۾ 83 هاٿي، 30 گينڊا، 60 جنگلي مينهنون، 50 امپالا هرڻ، 100 نيرو وائلڊ بيسٽ ۽ 300 زيبرا شامل آهن، جن جو شڪار نيشنل پارڪ سميت ٻين علائقن مان ڪيو ويندو. نميبيا اوائلي ملڪ آهي، 1908 ۾ هتي هيرن جي کاڻ دريافت ٿي ته جرمني ۽ يورپين مٿس حملو ڪيو. پهرين عالمي جنگ بعد ليگ آف نيشنز جي مينڊيٽ سان ڏکڻ آفريڪا جي انتطام هيٺ رهيو. لاهور قلندر جي مشهور آل رائونڊر ڊيوڊ ويزي نميبيا جو آهي.

Faminerhinoceros