ڪوهلي هم وطن ٽنڊولڪر جو هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو پهچي ويو

لٽل ماسٽر جي نالي سان مشهور ڀارت ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين بيٽر سچن رميش ٽنڊولڪر جو گهٽ اننگز ۾ 27 هزار رنسن وارو رڪارڊ خطري ۾ پئجي ويو آهي.
ٽنڊولڪر جو اِهو رڪارڊ ڪو ٻيو نه پر ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ئي ٽوڙڻ وارو آهي جنهن کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اننگز ۾ 27 هزار رنسون ٺاهڻ لاءِ 58 رنسون گهربل آهن.
سچن ٽنڊولڪر 623 انٽرنيشنل اننگز ۾ تيز ترين 27 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون جڏهن ته ڪوهلي 591 اننگز ۾ 26 هزار 942 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ڪوهلي وٽ اٺ اننگز آهن جنهن ۾ کيس رڳو 58 رنسون ٺاهڻيون آهن.
جيڪڏهن ڪوهلي پنهنجي ايندڙ اٺن اننگز ۾ 58 رنسون ٺاهي ورتيون ته نه رڳو ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو ته عالمي ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ ۾ ڇهه سئو کان گهٽ اننگز ۾ تيز ترين 27 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويندو.
عالمي ڪرڪيٽ ۾ 27 هزار رنسون ٺاهيندڙ رانديگرن ۾ ٽنڊولڪر کانسواءِ اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ۽ سريلنڪا جو اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا شامل آهن.
واضح رهي ته ٽنڊولڪر هاڻ به عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ سرفهرست آهي، 1989 ۾ ڪيريئر شروع ڪرڻ کان 2013 ۾ پڄاڻي تائين ٽنڊولڪر ٽنهي فارميٽس ۾ 34 هزار 357 رنسون ٺاهيون آهن.
ٽنڊولڪر ٻه سئو ٽيسٽ ميچن جي 329 اننگز ۾ 15 هزار 921 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 248 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگ شامل آهي جڏهن ته هن 463 ون ڊي ميچن ۾ 18 هزار 426 رنسون ٺاهيون، ٽنڊولڪر پنهنجي عالمي ڪيريئر دوران رڳو هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي جنهن ۾ هو رڳو ڏهه رنسون ٺاهي سگهيو هو.
ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ ٻيو نمبر ڪمار سنگاڪارا جو آهي جيڪو 28 هزار 16 رنسون ٺاهي چڪو آهي، رڪي پونٽنگ جو 27 هزار 483 رنسن سان ٽيون نمبر آهي.
اهڙي ريت ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ به ٽنڊولڪر وٽ آهي جنهن جو انگ سئو آهي جڏهن ته ويرات ڪوهلي 80 سينچرين سان ٻئي نمبر تي آهي.
سمورن فارميٽس ۾ ٽنڊولڪر جي سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ 35 ورهين جي ويرات ڪوهلي کي وڌيڪ ويهه سينچريون اسڪور ڪرڻيون پونديون، پر ان لاءِ کيس ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو پر في الحال کيس ٻئي آپشن تي ئي غور ڪرڻو پوندو، ان فهرست ۾ پونٽنگ 71 سينچرين سان ٽئين ۽ سنگاڪارا 63 سينچرين سان چوٿين نمبر تي آهي.
ياد رهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 19 سپٽيمبر کان شروع ٿي رهي آهي.