اسلام آباد، لاهور، پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد:  اسلام آباد، لاهور، پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن کان پوءِ شهري گهرن ۽ آفيسن مان ڪلمي جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا.

وفاقي راڄڌاني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پشاور ڊي آءِ خان، ٽانڪ، وزيرستان، ملتان، ڪچا کهوه، خانيوال، شجاع آباد، سانگله بل، ننڪانه صاحب، ريناله خورد، مانانواله، چيچا وطني، بوري والا، پاڪپتن، ساهيوال، سرگودها، پتوڪي، ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زمين اندر گهرائي 10 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ڊيره غازي جي علائقي شادي وال جي ڀرسان هو.

زلزلي جي شدت سبب ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو جڏهن ته شهري گهرن ۽ آفيسن مان ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا. زلزلي سبب هنيئر تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

Earthquake shook in different cities of the country including IslamabadLahore