اسرائيلي فوج جي المواسي ڪيمپ تي بمباري، 40 فلسطيني شهيد

غزه: غزه ۾ ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج هن ڀيري غزا ۾ المواسي ڪيمپ کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ۽ 60 زخمي ٿي پيا. اسرائيلي بمباري دوران آبادي تي بمباري کان محفوظ قرار ڏنل المواسي ڪيمپ ۾ 30 فٽ اونڌا گڏا پئجي ويا، جنهن ڪري لاش ڳولڻ مشڪل ٿي ويو.ان دوران اسرائيلي فوج پوليو مهم لاءِ اتر غزا ڏانهن ويندڙ گڏيل قومن جي عملي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ عملي جي گاڏين کي بلڊوزر سان نقصان پهچايو.ان کان علاوه نابلس ۾ 3 ڳوٺن کي اسرائيلي قبضي ۾ وٺي فلسطينين کي خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

Israeli army bombed al-Mawasi camp