حمائما ملڪ جو بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي جي پاڪستان اچڻ بابت سوال تي دلچسپ جواب

ڪراچي : مشهور پاڪستاني اداڪارا حمائما ملڪ بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي جي پاڪستان اچڻ بابت سوال تي دلچسپ جواب ڏنو جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي صحافي شهريار فريدون فيروز خان ۽ سندس ڀيڻ حمائما ملڪ جو آن لائين انٽرويو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي کان دلچسپ سوال ڪيا ويا.
انٽرويو دوران جڏهن صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان هاشمي پاڪستان آيو ته اوهان ڇا ڪندئو؟ ان سان گڏوگڏ صحافي ٻه فرضي آپشنز به ڏنا ته اداڪار کي هوائي اڏي تان برقعو پارائي وٺي ايندئو ته جيئن هو ڇوڪرين کان محفوظ رهي يا وري سمورين عورتن کي گهر ۾ رهڻ جي هدايت ڪندئو؟
صحافي جي آپشنز بدران اداڪارا چيو ته هوءَ سمورين ڇوڪرين کي ٻڌائي ڇڏيندي ته عمران هاشمي اچي رهيو آهي، اوهان ايئرپورٽ وڃو ڇو ته هو اِهو ڏسي خوش ٿي ويندو.
حمائما ملڪ چيو ته برقعي واري آپشن تي غور ڪري سگهجي ٿو، اِهو عمران کي پسند ايندو پر عمران هاشمي کي پنهنجي مقبوليت انتهائي عزيز آهي، هو ماڻهن جي هجوم ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن عمران هاشمي ساڻس گڏ پوڊ ڪاسٽ ۾ آيو ته کائنس پڇنديس ته هو پنهنجي پاڻ ۾ ايترو گم ڇو رهندو آهي؟
ان کانسواءِ حمائما ملڪ هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڀارتي هدايتڪار سنجي ليلا ڀنساليءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي.