قوم 1965ع جي جنگ جي فتح واري ورثي کي فخر سان ياد ڪندي

راولپنڊي: پاڪستان جي 59هين يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوجن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان 1965ع جي جنگ جي فاتح ورثي کي فخر سان ياد ڪري رهيا آهيون.جيڪو قوم جي بي مثال عزم ۽ حوصلي جو مثال آهي.آءِ ايس پي آر موجب اڄوڪو ڏينهن مادر وطن جو بهادري سان دفاع ڪندڙ بهادر جوانن جي قربانين ۽ جرئت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 59 سال اڳ پاڪ فوج فيصلي سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي تاريخي فتح حاصل ڪئي جيڪا تاريخ ۾ هميشه لاءِ لکي ويندي.آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته 1965ع جي جنگ اميد جي هڪ کرن هئي، جنهن قوم جي حوصلي ۽ عزم جو مثال ڏٺو، جڏهن ته فورسز هر قسم جي خطرن ۽ چيلنجز خلاف ملڪ جي دفاع لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر پنهنجي هڪ بيان ۾ سمورن شهيدن ۽ ويڙهاڪن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي خاندانن پنهنجي پيارن جون قربانيون حوصلي سان برداشت ڪيون.آءِ ايس پي آر موجب يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن ۽ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، شهيدن جون قربانيون مضبوط، خوشحال ۽ پرامن پاڪستان لاءِ جدوجهد جاري رکنديون.