غزه ۾ جنگبندي لاءِ نئين تجويز جي ضرورت ناهي: حماس

غزهه : فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزه ۾ جنگ بندي جي نئين تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته جنگ بندي جي نئين تجويز جي ضرورت ناهي.هڪ بيان ۾ حماس چيو ته اسرائيل تي دٻاءُ وڌو وڃي ته هو حماس پاران قبول ڪيل آمريڪي منصوبي تي راضي ٿي وڃي.حماس چيو آهي ته نتنياهو فلاڊلفيا ڪوريڊور مان فوج نه ڪڍڻ تي زور ڏيندي ڊيل کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم ڳالهين کي حماس خلاف جارحيت کي طول ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.ان کان اڳ آمريڪي عملدارن چيو آهي ته وائيٽ هائوس غزه ۾ جنگبندي لاءِ نئين تجويز پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، نئين تجويز جو مقصد جنگبندي جي ڳالهين ۾ اهم نقطن تي ڪم ڪرڻ آهي.آمريڪي عملدارن چيو ته جڏهن ته اڪثر ڊيل تي اتفاق ڪيو ويو هو، ڳالهين وارا اڃا تائين ٻه اهم رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ۽ هڪ نئون مسودو معاهدو ايندڙ هفتي يا جلدي تيار ٿي سگهي ٿو.