هڪ سال ۾ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.59 ارب ڊالرن جو اضافو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت موجب هڪ سال دوران پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هڪ ارب 59 ڪروڙ 80 لک ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب هڪ سال دوران هڪ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 21 رپيا 13 پيسا واڌ ٿي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 1 ارب 53 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ 68 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب 77 ڪروڙ 60 لک ڊالر تائين پهچي ويا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي نئين قرض پروگرام جي منظوري کانپوءِ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ۽ رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت موجب اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 9 ارب 40 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 37 ڪروڙ 30 لک ڊالر جا ذخيرا آهن. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ارب 17 ڪروڙ 80 لک ڊالر هئا، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 7 ارب 87 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 30 ڪروڙ ڊالر هئا.رپورٽ موجب هڪ ڊالر جي قيمت 278 رپيا 51 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته هڪ سال اڳ هڪ ڊالر جي قيمت 299 رپيا 51 پئسا هئي.