برازيل ۾ ايڪس پليٽ فارم بند ڪرڻ جو حڪم

برازيل ايلون مسڪ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي بند ڪري ڇڏيو.برازيل جي سپريم ڪورٽ جي جج اليگزينڊر مورس نيشنل ٽيليڪميونيڪيشن کي حڪم ڏنو آهي ته فوري طور تي ملڪ ۾ ايڪس سروسز بند ڪري.سپريم ڪورٽ گوگل ۽ ايپل سميت انٽرنيٽ فراهم ڪندڙن کي پڻ حڪم ڏنو ته ايڪس ايپليڪيشنن کي بلاڪ ڪرڻ لاء ٽيڪنالاجي رڪاوٽون وجهي.برطانوي ميڊيا موجب برازيل جي عدالت مسڪ کان جعلي خبرون پکيڙڻ وارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.ٻئي طرف ايلون مسڪ برازيل ۾ ان مقصد لاءِ آفيس کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽ ايڪس تي 22 ملين کان وڌيڪ صارفين آهن.