ڪراچي مان هڪ سامونڊي طوفان جو خطرو ختم ٿيندي ئي ٻيو تيار

ڪراچي : ڪراچي ۾ سامونڊي طوفان جو خطرو ٽٽندي ئي مون سون جو ٻيو مضبوط نظام پکڙجڻ شروع ٿي ويو.موسميات کاتي موجب خليج بنگال ۾ پيدا ٿيندڙ شديد گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊيپريشن ۾ تبديل ٿي ويو آهي.موسميات کاتي موجب اهو سسٽم ڀارت جي گجرات ۽ راجسٿان کي متاثر ڪندو ۽ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ اوڀر سنڌ تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽي تي هن وقت ان جي اثرن جي اڳڪٿي نه ٿي سگهي آهي.