بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اها کليل دهشتگردي آهي، انهي کي قبول نٿو ڪري سگهجي: حافظ نعيم الرحمان

لاهور: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان بلوچستان ۾ گاڏين مان لاهي معصوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو اها کليل دهشتگردي آهي ان کي قبول نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه صرف مذمت جوڳو پر کليل دهشتگردي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي.

جماعت اسلامي جي امير صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته بلوچستان جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪٿي آهي ان جا ادارا ڪٿي آهن، هن پوري دهشتگردي ۾ ٻاهريان هٿ ملوث نظر اچن ٿا

حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص جي جان قيمتي آهي، بلوچستان جي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو، بلوچستان جي مسئلن ۽ ماڻهن جي خدشن کي ختم ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گذريل ڏينهن دهشتگردي جي واقعن ۾ 37 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي هٿان 21 دهشتگرد به مارجي ويا.

What happened in Balochistan is open terrorism