دهشتگرديءَ جو شڪار والدين جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي خانگي ادارن دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ والدين جي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ ادارا سنڌ رافعه جاويد خانگي اسڪولن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ۽ شهيد والدين جي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليم ڏني وڃي.رافعه جاويد چيو ته سمورن اسڪولن ۾ مفت تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، والدين ۽ استادن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا فيصلو ڪندي ته ڪهڙا ٻار مفت تعليم جا حقدار آهن.ايڊيشنل ڊائريڪٽر چيو ته اسڪول ۾ ڪل تعداد جو 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي ۽ جيڪي اسڪول 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم نه ڏيندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.