وفاق ۾ نئين ڀرتين تي پابندي، ڏيڍ لک آساميون ختم، 18 ادارا بند يا ضم ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد: وفاقي حڪومت خرچ گهٽائڻ لاءِ ڏيڍ لک آساميون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نيون ڀرتيون نه ڪيون وينديون، 5 وزاتن جا 18 ادارا بند يا ضم ڪيا ويندا. سڌارن بابت ڪاميٽي تجويزون ڏئي ڇڏيون

ڪالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي ڍانچي جي سائيز ۽ خرچن ۾ گهٽتائي بابت اهم اجلاس ٿيو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي اولين ترجيح آهي، خراب ڪارڪردگي يا خزاني تي بار ادارن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا انهن جي فوري نجڪاري لاءِ قدم کنيا وڃن

وزيراعظم چيو ته ذاتي طور تي ننڍي اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نگراني ڪندس. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪاميٽي وفاقي حڪومت کي صحيح رقم ڏيڻ بابت تجويزون پيش ڪيون. ڪاميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ آساميون ختم ڪرڻ، نان ڪور سروسز جي آئوٽ سورسنگ ۽ عام ڪمن جهڙوڪ صفائي ۽ جينيٽورينري سروسز کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ڪيترن ئي پوسٽن کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو

ڪاميٽي ڪنٽينجنسي پوسٽن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنس تي ناڻي واري وزارت جي نگرانيءَ جي پڻ سفارش ڪئي. اجلاس ۾ 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت، سرحدن واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي

پنجن وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ، پرائيويٽائيز ڪرڻ ۽ ٻين وزارتن/وفاقي يونٽن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي، سڌارن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع پلان پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي

اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ناڻي بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر نيشنل هيلٿ ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي

Ban on new recruitments in the federal government