ملڪ ۾ فائر وال سسٽم جو ٻيو ٽرائل مڪمل، سوشل ميڊيا سرگرمين جي نگراني ٿيندي

اسلام آباد : انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين فائر وال انسٽاليشن جو ٻيو ٽرائل به مڪمل ڪري ورتو آهي.
انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ( آءِ ايس پيز ) ايسوسيئيشن موجب، وائرليس اينڊ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي ۽ نگراني کي وڌائڻ جي حڪوڪمتي فيصلي جو ابتڙ نتيجو نڪتو آهي جنهن سبب گذريل ڪجهه ڏينهن دوران انٽرنيٽ جي رفتار ۾ ٽيهه کان چاليهه سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي.
حڪومت کي وائر وال سان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟
ٽيلي ڪام ذريعن موجب، فائر وال ڊيپ پيڪٽ انسپڪشن جي صلاحيت رکندڙ آهي جنهن ذريعي سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا پوائنٽ جي نشاندهي ڪري سگهبي ۽ پروپئگنڊا ۾ ملوث ماڻهن جو آءِ ڊيز بلاڪ ڪيون وينديون.
ٻئي پاسي آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطما چيو آهي ته سائبر سيڪيورٽي حملن کان بچڻ لاءِ فائر وال انسٽال ڪئي ويندي آهي، سڄي دنيا ۾ حڪومتون فائر وال انسٽال ڪنديون آهن.

The country's firewall systemwhich is the second trial completed