پاڪستان بنگلاديش ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، ٻن ميچن جي سيريز لاءِ پنج رڪني ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪيو ويو آهي، پئنل ۾ عامر سهيل، اطهر علي خان، بازيد خان، عروج ممتاز ۽ نِڪ ڪمپٽون شامل آهن جڏهن ته سڪندر بخت سيريز دوران پريزينٽر طور فرض انجام ڏيندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ راولپنڊي ٽيسٽ 21 آگسٽ کان شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ شيڊيول آهي.