پيتونگاترن شيناوترا ٿائيلينڊ جي سڀ کان ننڍي عمر واري وزيراعظم چونڊجي وئي

بئنڪاڪ :ڦيوٿائي پارٽي جي اڳواڻ پيتونگاترن شيناوترا ٿائيلينڊ جي وزيراعظم بڻجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڦيوٿائي پارٽي طرفان نامزدگي کانپوءِ شيناوترا کي ملڪ جي سڀ کان ننڍي عمر وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
شيناوترا ٿائيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم سريتا ٿاويزن کانپوءِ وزارت اعظميٰ جي عهدي تي مقرر ٿي آهي، سريتا کي ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت غلط مقرري تي عهدي تان برطرف ڪيو هو.
رپورٽس موجب، 37 سالا شيناوترا اُنگ اِنگ جي نالي سان مشهور آهي، هو بزنس ٽائيڪون ٿاڪسن شيناوترا جي سڀ کان ننڍي نياڻي آهي، جڏهن ته هوءِ وزيراعظم جو عهدو ماڻيندڙ خاندان جي ٽئين شخصيت آهي.
شيناوترا کي وزيراعظم لاءِ پارليامينٽ جي 493 ووٽن مان 314 ووٽ گهربل هئا.
رپورٽس موجب، ٿائي وزيراعظم سريتا ٿاويزن ۽ فوج وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ڇڪتان به رهي، هو ملڪ ۾ 2006 ۾ فوجي آمريت کانپوءِ ڪيئي ورهيه جلاوطن رهيو ۽ گذريل سال ئي ملڪ واپسي موٽيو هو.