اسلام آباد: ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 9 هنڌن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا جي ڪيس ۾ واڌ کان پوءِ انتظاميه 9 هنڌن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ضلعي انتظاميه موجب ان هنڌن ۾ سعودي پاڪ ٽاور ۾ خانگي موبائل ڪمپني جي آفيس به شامل آهي. ان کان علاوه پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي مڪمل سيل ڪيو ويندو. جڏهن ته چٽهه بختاور جي علائقي گل راجگان، سيڪٽر اي اليون ۾ نيشنل پوليس فائونڊيشن جي گهٽي نمبر 13، سيڪٽر آءِ ٽين، جي نائن فور،  جي سيون ٽو ۽ جي سڪس فور جون ڪجهه گهٽيون به سيل ڪيون وينديون.

ضلعي انتظاميه موجب پي ڊبليو ڊي جو بلاڪ 6 به سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان علائقي جي رهواسين جا ٽيسٽ ڪيا ويندا. ڪليئر ٿيڻ تائين ايرياز سيل رهندا