ڪراچي ۾ ٽي بي جي ڪيسن ۾ واڌ، هر 4 ٽيسٽ مان 3 مثبت اچڻ لڳا

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٽي بي جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

ڪنسلٽنٽ فزيشن جناح اسپتال ڊاڪٽر عمر سلطان جو چوڻ آهي ته گذريل 6 مهينن کان ٽي بي جي هر 4 ٽيسٽ مان 4 مثبت اچي رهيا آهن، جڏهن ته پهريان هر 4 ٽيسٽ مان صرف هڪ ٽيسٽ مثبت ايندو هو.

ڊاڪٽر عمر سلطان موجب، ٽي بي جا ڪيسز اڪثر انڊسٽريل ايريا کان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن

هن وڌيڪ ٻڌايو ته فضائي گدلاڻ ٽي بي ڦهلجڻ جو هم سبب آهي، جڏهن ته دوائون جو مڪمل ڪورس نه ڪرڻ سبب به ٽي بي جو مرض پکيڙجي رهيو آهي.

Increase in TB cases in Karachi