ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ

ڪراچي : سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 56 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 428 ڊالر لاٿ بعد 2 لک 19 هزار 479 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 17 ڊالر گهٽجڻ بعد 2 هزار 410 ڊالرز آهي.