پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ احمد خان بهچر چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين ميمبرن جي خلاف ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ داخل ڪري ڇڏيو.

احمد خان بهچر 430 صفحن تي ٻڌل ريفرنس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ٻيا ميمبر جانبدار آهن، عام چونڊن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن ڌر هجڻ جو مظاهرو ڪيو.

ريفرنس ۾ نڪتو اٿاريو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن قانون ۽ آئيني ذميوارين جو مظاهرو نه ڪيو. ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي فوري طور تي عهدن تان هٽايو وڃي، ريفرنس جي حتمي فيصلي تائين چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن کي ڪم کان روڪيو وڃي.