ڪراچي ۾ مهانگن بجلي بلن ۽ ٽئڪسن خلاف واپاري رستن تي نڪري آيا

ڪراچي: ڪراچي ۾ بجلي جي وڌندڙ بلن، مهانگائي ۽ ٽيڪسن خلاف ڪراچي جا واپاري روڊن تي نڪري آيا. ڪراچي ۾ بولٽن  مارڪيٽ ٽريڊرز يونين ايسوسي ايشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ واپارين مهانگائي، بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ ٽيڪسن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. بولٽن مارڪيٽ ٽريڊرز يونين ايسوسي ايشن چيو ته پاڪستان جو عوام آءِ پي پيز کي مڪمل طور تي ناپسند ڪري ٿو، حڪومت بجلي، مهانگائي ۽ ٽيڪس گهٽائي، جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

In Karachi