عالمي اداري پاڪستان جي معيشت بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

نيويارڪ : عالمي ريٽنگ ايجنسي اسٽينڊرڊ ڊز اينڊ پورز پاڪستان جي معيشت تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اسٽينڊرڊ اينڊ پورز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان جي آئوٽ لُڪ مستحڪم سطح تي برقرار رهندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي ادائيگي لاءِ پاڪستان جو پرڏيهي امداد تي تمام گهڻو ڀاڙي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، ڪمزور سياسي صورتحال سبب سياسي غيريقيني وڌيڪ رهندي، سماجي بي چيني سبب آءِ ايم ايف پروگرام تحت سڌارن تي عملدرآمد مشڪل هوندو.