ڪوهاٽ: برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل، سمورو خاندان ٻڏي ويو، عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪوهاٽ ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ سبب سمورو خاندان ٻڏي ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب ڪوهاٽ ۾ دره آدم خيل اولڊ بازيد خيل ۾ افسوسناڪ واقعو  پيش آيو جتي برسات جو پاڻي گهر جي تهه خاني ۾ داخل ٿي ويو. ريسڪيو 1122 موجب گهر جي تهه خاني ۾ موجود هڪ ئي خاندان جا ماڻهو ٻوڏ وهڪري ۾ ٻڏي ويا. اطلاع ملڻ کان پوءِ ريسڪيو ٽيم ڪارروائي ڪندي 11 ڄڻن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، شروعاتي طور تي هڪ ٻارڙي گم هئي، جنهن کي ڪجهه دير جي ڳولا کان پوءِ هٿ ڪيو ويو.

افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 11 ٻڌايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ريسڪيو 1122 اختيارين موجب امجد نالي شخص جي گهر جي تهه خاني ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿيو ۽ پاڻي جمع ٿيڻ سبب گهر جا سمورا ماڻهو ڦاسي ويا جنهن ۾ 3 عورتون  ۽ 6 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا شامل هئا. ايمرجنسي جي اطلاع  ملندي ئي ريسڪيو 1122 جي ميڊيڪل ۽ ڊيزاسٽر ٽيم وقت تي ڪارروائي ڪئي ۽ سمورن ماڻهن جي لاشن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.  اهڙي واقعي تي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هڪ ئي خاندان جي 11 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

Kohat: Rainwater entered the housethe entire family drowned