پئرس اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ وڏي غلطي، ڪميٽي معافي گهري ورتي

پئرس اولمپڪس: پئرس اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي ڏکڻ ڪوريا جي دستي کي اتر ڪوريا جي نالي سان متعارف ڪرائڻ تي معافي گهري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، افتتاحي تقريب دوران ڏکڻ ڪوريا جي دستي کي اتر ڪوريا جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو جنهن تي ڏکڻ ڪوريا جي راندين واري وزارت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته افتتاحي تقريب دوران پيش آيل واقعي تي افسوس آهي.
انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ چيو ته افتتاحي تقريب ۾ براڊ ڪاسٽنگ دوران غلطي ٿي ۽ اسان ان تي معافي گهرون ٿا.

Big mistake in Paris Olympics opening ceremony