سون مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 50 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح ڏهه گرام سون 857 رپيا گهٽجڻ بعد 2 لک 14 هزار 335 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر گهٽجڻ بعد 2380 ڊالرز ٿي وئي آهي، پاڪستان سون جي عالمي قيمت ويه ڊالر پريميم شامل ڪري 2400 ڊالر في اونس آهي.