ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع، موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي کان پوءِ ٻنپهرن جو تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.

تفصيل موجب گڏاپ ٽائون، بحريه ٽائون، موٽر وي ايم 9، سرجاني ٽائون، اسڪيم 33، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي جنهن سبب گرمي جي شدت  ۾ گهٽتتائي اچي وئي

موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ برسات جي ڪابه اڳڪٿي نه ڪئي وئي هئي پر موسميات کاتي چيو هو ته شهر ۾ اڄ شام يا رات جو هلڪي برسات جو امڪان آهي.

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ کان گهٽ گرمي پد 30.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.

After heavy rains started in different areas of Karachi