تحريڪ انصاف آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب تحريڪ انصاف 38 آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي نمائندي اليڪشن ڪميشن ۾ قومي اسيمبلي جي آزاد اسيمبلي ميمبرن جي  فهرست جمع ڪرائي. اسيمبلي ميمبرن جي فهرست سان گڏ اضافي دستاويز به لڳايا ويا آهن.

ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف 3 آزاد ميمبرن جا حلفي بيان اڃان تائين جمع ناهن ڪرايا. صاحبزاده محبوب سلطان، مبين عارف ۽ رياض فتيانه پرڏيهي ملڪن ۾ آهن انهن ٽنهي ميمبرن جي پارٽي وابستگي فارم اڄ جمع ڪرائيندا.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد اتحاد ڪونسل تي فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي آئيني جماعت قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو هو ته قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن پاڪستان تحريڪ انصاف کي الاٽ ڪيون وينديون جڏهن ته تحريڪ انصاف کي هدايت ڪئي هئي ته پنهنجي ميمبرن جي فهرست حلف نامن سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.