مسلم ليگ(ن) اهم معاملن تي پيپلز پارٽي کي ڀروسي ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: مسلم ليگ(ن) اهم معاملن تي پيپلز پارٽي کي ڀروسي ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جي اڳواڻن ۾ ڳالهيون اڄ ايوان صدر ۾ ٿينديون، ڳالهين ۾ صدر آصف علي زرداري به شريڪ ٿيندو.

وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين سان مشاورت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ٻنهي پارٽين ۾ ڳالهيون وزيراعظم جي هدايت تي ڪيون پيون وڃن.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان ۽ نيئر بخاري شريڪ ٿيندا(ن) ليگ طرفان اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ عطا تارڙ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندا.

ذريعن موجب اسپيڪر اياز صادق ۽ قانوندان عرفان قادر به ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندا. قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ مخصوص سيٽن بابت بريفنگ به ڏيندا.