يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظام: وزيراعظم پاران چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن سنڀالڻ تي وفاقي گهرو وزير کي  پڻ خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ يوم عاشور جون سرگرميون پرامن طريقي پنهنجي انجام تائين پهتيون، وزيراعظيم چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ پوليس، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي. صوبن طرفان محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪيا ويا هئا.