سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتين جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون  حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي.

حڪم موجب پي ٽي آءِ هن فيصلي جي 15ڏينهن کانپوءِ پنهنجي مخصوص ماڻهن جي سيٽس جي نالن جي فهرست ڏئي.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽  پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا  ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي جماعت هئي ۽ آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن پارٽي  کي  چونڊ وڙهڻ کان روڪي نه ٿو  سگهي.

جسٽس منصور علي شاهه فل ڪورٽ جو فيصلو ٻڌائي رهيو آهي، فيصلي موجب اليڪشن ڪميشڻ جو فيصلو آئين جي خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽس بابت محفوظ ڪيل فيصلوٻڌائي ڇڏيو