ڊي ايس پي علي رضا جو قتل: الفجر نالي تنظيم ذميواري قبولي ورتي

ڪراچي: دهشتگردي جي  خاتمي واري کاتي ۾ مقرر ڊي ايس پي علي رضا کي قتل ڪرڻ جي ذميواري الفجر نالي تنظيم قبول ڪري ورتي آهي.

الفجر نالي دهشتگرد تنظيم نامعلوم هنڌ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڊي ايس پي علي رضا جي قتل جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.

هن تنظيم ان کان اڳ سهراب ڳوٺ ۾ پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ جي ذميواري به قبول ڪئي هئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن حملي آورن ڊي ايس پي علي رضا جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ علي رضا ۽ ان جو محافظ سخت زخمي ٿي پيا هئا.، ٻنهي کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻئي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا هئا.