اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جو مثبت رجحان

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي مثبت رجحان رهيو. 100 انڊيڪس 1767 پوائنٽن جي واڌ سان 80212 تي ڪاروباري هفتي بند ڪيو.ڪاروباري هفتي ۾ 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 80888 جڏهن ته هيٺين سطح 78274 هئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي دوران 1 ارب 92 ڪروڙ شيئرز جو واپار ٿيو جنهن جي ماليت 91 ارب رپيا هئي.مارڪيٽ سرمائيداري هڪ هفتي دوران 219 ارب رپيا وڌي 10595 ارب رپيا ٿي وئي.