ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪوبه اميدوار گهربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو، چونڊون 5 جولاءِ تي ٻيهر ٿينديون

تهران:  ايران ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڪوبه اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو جنهن کان پوءِ ٻيهر ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

عرب ميڊيا موجب ايراني گهرو وزارت انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار کي 50 سيڪڙو ووٽ نه ملڻ سبب ايران ۾ 5 جولاءِ تي ٻيهر صدارتي چونڊون منعقد ٿينديون. صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مسعود پزيشڪيان ۽ سعيد جليلي ۾ مقابلو ٿيندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن انهن ۾ مسعود پزيشڪيان تقريبن هڪ ڪروڙ 40 لک ووٽ کڻي سڀني کان اڳيان رهيو جڏهن ته ان جو مضبوط مخالف سعيد جليلي تقريبن 95 لک ووٽ حاصل ڪيا

ايران جي صدارتي چونڊن ۾ محمد باقر 34 لک ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته مصطفيٰ پور محمدي صرف 2 لک کان ڪجهه وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سگهيو. ايران جي صدارتي چونڊن ۾ محمد باقر 34 لک ووٽ کڻي  ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته مصطفيٰ پور محمدي صرف 2 لک کان ڪجهه وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

ايراني اليڪشن  ڪميشن موجب 28 جون تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو رهيو جڏهن ته 2021 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو هو، صدارتي چونڊن ۾ 2 ڪروڙ 45 لک ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ڪئي وئي.

ايراني صدارت لاءِ سعيد جليلي، محمد باقر، مسعود پزيشڪيان ۽ مصطفيٰ پور محمدي وچ ۾  مقابلو هو پر 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪرڻ سبب هاڻ ايران ۾ 5 جولاءِ تي صدارتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ٻيهر ووٽ وڌا ويندا.