وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي

 ذريعن موجب ڪابينا ايپڪس ڪميٽي طرفان اعلانيل آپريشن عزم استحڪام جي به منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت شڪ شبهن جو اظهار يا اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، هي آپريشن انٽيليجنس بيسڊ هوندو، هي نيشنل ايڪشن پلان جو تسلسل آهي ۽ ان سان عوام کي ڪابه پريشاني نه ٿيندي

 دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي جماعتن جا خدشا ختم ڪنداسين، آپريشن جا ڪي به سياسي مقصد نه آهن

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته ووٽ بينڪ خاطر آپريشن جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، آپريشن بابت ايوان کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن کي بحث جو موقعو ڏنو ويندو، آپريشن عزم استحڪام خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبي ۾ ڪيو ويندو

هن چيو ته دهشتگرديءَ کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها لهر ٻين صوبن تائين به پکڙجي ويندي، عدليه قومي سلامتي بابت سپورٽ نه ڪئي ته آپريشن اڻ اثرائتو ٿي ويندو