حماس سان جنگبندي بعد به جنگ جاري رهندي، نيتن ياهو

يروشلم : اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته جيڪڏهن حماس سان جنگبندي جو معاهدو ٿيو ته جنگ جاري رهندي.اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو ڪنهن به اهڙي معاهدي تي راضي نه ٿيندا جنهن سان 8 مهينن کان جاري جنگ ختم ٿي وڃي.اسرائيلي وزيراعظم اشارو ڪيو ته هو هڪ “جزوي” ڊيل لاءِ تيار آهي جنهن سان هو پنهنجي قيدين جي واپسي جي اجازت ڏيندو.هن چيو ته سندن مقصد يرغمالين کي واپس آڻڻ ۽ غزه ۾ حماس جي حڪومت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ آهي.نيتن ياهو وڌيڪ چيو ته حماس خلاف شديد ويڙهه جو مرحلو ختم ٿيڻ وارو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي.

The war will continue even after the cease-fire with Hamas