عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 535 ملين ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن: عالمي پاڪستان لاءِ 535 ملين ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان لاءِ 535 ملين ڊالرز قرض جي منظوري ڏني وئي آهي اِها رقم سماجي تحفظ، موسمياتي تبديلين، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن ۾ بهتري لاءِ خرچ ڪئي ويندي.
عالمي بئنڪ موجب، ان رقم مان 400 ملين ڊالر سماجي تحفظ جي رٿائن لاءِ آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ 135 ملين ڊالر خرچ ٿيندا.