اسلام آباد، پشاور، چارسده ۽ سوات سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد: اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات ۽ مالاڪنڊ سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.

زلزلي جا جهٽڪا اتر وزيرستان، پارا چنار، لوئر دير، هنگو ۽ ڀرپاسي ۾ به محسوس ڪيا ويا ان کان علاوه چارسده ۽ صوابي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زمين جي اندر گهرائي 98 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جو ڏاکڻيون ۽ اوڀر وارو علائقو هو.

آمريڪي جيولوجيڪل سروس موجب زلزلي جا جهٽڪا پاڪستان ۽ افغانستان سان گڏوگڏ تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ به پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا

Earthquake shook various cities including IslamabadPeshawar