ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 7 جون تي طلب

ڪراچي: ملڪ ۾ ذوالحج جي چنڊ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي سامهون اچي وئي.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ذوالحج جي چنڊ جي پيدائش 6 جون تي شام 5 لڳي 38 منٽن تي ٿيندي.

هن ٻڌايو ته 7 جون تي چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي، 7 جون تي چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي.

ان حساب سان جيڪڏهن ذوالحج جو چنڊ جمعي تي نظر اچي ٿو ته عيدالاضحيٰ 17 جون سومر تي ٿيندي.