ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس ۾ 413 پروجيڪٽ پيش

ڪراچي : سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٽئين ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس 2024ع جي رنگا رنگ تقريب ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. تقريب جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ملڪي صنعتن جي ضرورتن مطابق مختلف صنعتن ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ مضبوط رابطن کي فروغ ڏيڻ هو. تقريب ۾ 45 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي باصلاحيت شاگردن 413 پروجيڪٽ پيش ڪيا. جن ۾ مقامي، قومي ۽ بين الاقوامي فنڊز سان جاري تحقيق ۽ تعاون واري ٽيڪنالاجيز شامل هيون. ان موقعي تي عام ماڻهن سان گڏ صنعتن جي نمائندن به سخت گرمي باوجود جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع چيو ته هي نمائش اڪيڊمڪ ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، تعاون وڌائڻ جي موقعن کي فروغ ڏيڻ هن دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد حل لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي.