مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت

بيجنگ: چيني سائنسدانن جي هڪ ٽيم چنڊ مان آندل مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت ڪيو آهي، ان مواد ۾ هائيڊرو ڪسل ۽ ڪيترن ذريعن سان ٺهيل سالماتي پاڻي شامل آهي. جرنل سائنس ايڊوائسز ۾ ڇنڇر ڏهاڙي شايع ٿيندڙ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چنڊ جي سرزمين ۾ شيشا ۽ ان سان ٽڪرائڻ وارن سيارن جي سبب بنا چنڊ جي مٽي ۾ پاڻي جي موجودگي جو بنيادي سبب آهي. چائنا جي اڪيڊمي آف سائنسز ذريعي ڪم ڪرڻ واري انسٽيوٽ آف جيو ڪيمسٽري سان واسطو رکندڙ محققن چينگ اي 6 مشن دوران گڏ ڪيل تقريبا 100 نمونن جو جائزو ورتو ۽ 12 اهڙن ذرڙن جي نشاندهي ڪئي وئي جن ۾ هائيڊروڪسل ۽ سالماتي پاڻي شامل هو. ياد رهي ته چينگ اي 5 مشن 17 ڊسمبر 2020 تي 1731 گرام قمري نمونا کڻي واپس زمين تي پهتو هو، جڏهن ته ان کان بعد وارو مشن هلندڙ مهيني چنڊ تي موڪليو ويو آهي.