ڪڻڪ خريداري ۾ سنڌ حڪومت کي 3 ارب 22 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان جو انڪشاف

سنڌ ۾ 2022 دوران ڪڻڪ جي خريداري ۾ سرڪاري خزاني کي 3 ارب 22 ڪروڙ 20 لک روپين جي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي

رپورٽ موجب ڪڻڪ خريداري جي حوالي سان معائنه رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جي 3 آفيسرن خزاني کي 3 ارب روپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو

معائنه رپورٽ موجب سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ڪڻڪ جي گودامن جو جائزو ورتو ويو، ڄامشورو ضلعي ۾ 9 ڪروڙ 37 لک، دادو ۾ 56 ڪروڙ 93 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو

گهوٽڪي ضلعي ۾ 4 ڪروڙ 81 لک، سکر ۾ هڪ ڪروڙ 62، خيرپور ضلعي ۾ 16 ڪروڙ 44 لک، ڪشمور ۾ 38 لک، جيڪب آباد ۾ 13 ڪروڙ 14 لک ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو

وڏي وزير جي معائنو ٽيم جي رپورٽ موجب برساتن دوران ڪڻڪ کي محفوظ ڪرڻ جي ذميواري ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرز جي هئي، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جا انتظام ناقص هئا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻورين جو وزن پورو ڪرڻ لاءِ مٽي ۽ ناقص ڪڻڪ استعمال ڪئي وئي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ڪڻڪ خراب ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ ملوث آفيسرن کي سخت سزا ڏني وڃي